پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف کي عدالت مان رليف، هائيڪورٽ پوليس کي زمان پارڪ ۾ آپريشن کان روڪي ڇڏيو

لاهور ها ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لا هلندڙ پوليس آپريشن اڄ صبح جو 10 وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏئي اهلڪارن کي زمان پارڪ ويندڙ روڊن کان 500 ميٽر پري رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس طارق سليم شيخ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري لا هلندڙ آپريشن فوري طور روڪيو وڃي پر اسان ٻيون گرفتاريون نٿا روڪي سگهون. لاهور ها ڪورٽ ۾ زمان پارڪ آپريشن خلاف تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري، وڪيل سلمان فيصل جي داخل درخواستن تي جسٽس طارق سليم شيخ شنوائي ڪئي. آ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور عدالت کي ٻڌايو ته پوليس تي پيٽرول بم اڇلايا ويا آهن، جنهن سبب اسان جون گاڏيون سڙي ويون، اسان لا پي ايس ايل ٽورنامينٽ جي سيڪيورٽي ڏسڻ به ضروري هو، رينجرز جي گاڏين تي به پيٽرول بم ڪيرايو ويو، صبح تائين اها صورتحال هئي جو پي ٽي آ ڪارڪنن سڄي گرين بيلٽ کي خراب ڪري ڇڏيو، سرڪاري ملڪيتن کي برباد ڪيو ويو، جيڪڏهن عدالت عمران خان جا وارنٽ ختم ڪري ها ته اسان واپس اچي وڃون ها، جن ماڻهن خرابي ڪئي آهي، انهن کي پڪڙڻو آهي، اسان وٽ وڊيوز موجود آهن، اسان سان زيادتي ٿي آهي ۽ پوليس جو گهيرو برقرار رهڻ ضروري آهي. جسٽس طارق سليم چيو ته لاهور ۾ پي ايس ايل به ٿي رهيو آهي، مون کي شهر ۾ امن گهرجي. آ جي پنجاب جي موقف تي عدالت چيو ته ان تي ڇا چوندا جيڪڏهن اسان هن آپريشن کي هينئر وقت طور تي روڪي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ به درخواست آهي، توهان هينئر پنهنجو آپريشن روڪي ڇڏيو. شنوائي دوران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن هي گرفتاريون بند ڪن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اسان گرفتاريون روڪي نٿا سگهون. شنوائي دوران عدالتي حڪم تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل ۽ وفاقي حڪومت جا وڪيل پيش ٿيا، عمران خان طرفان حفاظتي ضمانت جي درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس چئني طرفن کان زمان پاڪ کي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي عمران خان حفاظتي ضمانت لاءِ پيش به ٿيڻ چاهي ٿو. عمران کي حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ اچڻ لاءِ رستو ڏيڻ ۽ ان جي حفاظت لاءِ حڪم ڏنا وڃن، هڪ ٻي درخواست ۾ فواد چوڌري داخل درخواست ۾ زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ جي گذارش ڪئي جڏهن ته وڪيل سلمان فيصل به زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن جي قدمن خلاف داخل درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي، سي سي پي او لاهور سميت ٻين کي ڌر بڻايو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان خلاف ڪيس اسلام آباد ۾ داخل آهن ۽ هي اسلام آباد جي حدن جو معاملو آهي، پنجاب حڪومت اسلام آباد پوليس کي ڪيئن هدايت ۽ طلب ڪري سگهي ٿي، جنهن تي عدالت چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد سميت ٻين پوليس آفيسرن کي طلب ڪري شنوائي هڪ وقفي لاءِ ملتوي ڪئي، ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا پوليس ۽ سول آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور عدالت کي خاطري ڪرائي ته عدالت جيڪو به حڪم ڏيندي ان تي عملدرآمد ڪنداسين. عمران خان جي وڪيل چيو ته زمان پارڪ جي ٻاهران جيڪو ٿي رهيو آهي اهو بنيادي حقن جي خلاف وزري آهي، وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اسلام آباد پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ نٿي اچي. بعد ۾ لاهور ها ڪورٽ پي ٽي آ سربراهه عمران خان جي گرفتاري لا زمان پارڪ ۾ هلندڙ آپريشن اڄ صبح جو 10 وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڌرين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو. عدالت پوليس کي مال ڪئنال پل، ڌرم پورا پل ۽ ٺنڊي سڙڪ روڊ تي 500 ميٽر پوئتي رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button