سنڌ

پ پ کي سنڌ جو فڪر آهي ته آدمشماري روڪرائي:قادر مگسي

ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ 14 هين ڏينهن به جاري رهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاجي ڪئمب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ هي سازشي آدمشماري قبول نه ڪندي، هن آدمشماري کي سنڌ جو هر مڪتب فڪر جو ماڻهو رد ڪري ٿو. اسان پنهنجي وطن جي قومي بقاءُ جي جدوجهد وڙهي رهيا آهيون. پ پ سرڪار کي جيڪڏهن سنڌ جو فڪر آهي ته کيس فوري طور سنڌ ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي کي روڪڻ جو حڪم نامو جاري ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي هي جدوجهد هن سازش کي ناڪام بڻائڻ تائين جاري رهندي. ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين گلزار سومرو، ڊاڪٽر سومار مڱريو، قاد رچنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو، حيات تنيو، عاشق ٿهيم ۽ ٻيا به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button