سنڌ

عدالتون قانونسازي کي رد نٿيون ڪري سگهن،مداخلت بگاڙ کي جنم ڏنو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هي ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو ۽ خوشحال ٿيندو، جڏهن ٽي ٿنڀ قانون ساز، ايگزيڪيوٽو ۽ عدليه پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪندا، هڪٻئي جي دائري ۾ مداخلت ڪرڻ سان نه رڳو ملڪ جي حقيقي ترقي متاثر ٿي آهي پر بگاڙ کي جنم پڻ ڏنو آهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن اسيمبلي فلور تي پنهنجي پري بجيٽ تقرير جي اختتامي خطاب ۾ چئي. وڏي وزير چيو ته صوبائي اسيمبلي قانون سازي ذريعي گمبٽ انسٽيٽيوٽ جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز رکيو پر عدالت ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مون پنهنجي قانوني ٽيم کي اپيل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عدالتون اهڙي قانون سازي کي رد نٿيون ڪري سگهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اهڙن فيصلن جي هڪ فهرست تيار ڪن، جيڪي قانون سازي جي دائري ۾ مداخلت جون هجن ته جيئن اپيل داخل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم پير عبدالقادر شاهه جيلاني پنج ڀيرا ايم اين اي ۽ وفاقي وزير طور هن صوبي جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته سندس نالي تي هڪ ادارو وقف ڪرڻ سندس خدمتن جو اعتراف آهي ۽ اهو اسيمبلي پاران ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ان کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته معزز ججن پاران چيف سيڪريٽريز، آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن کي طلب ڪيو پيو وڃي ۽ کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته سندن حڪم تي عمل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اهي سندن وڏن وزيرن کي طلب ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو اهو طريقو نه آهي. وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هن (عمران خان) سان ملائڻ ملڪ جي تاريخ، بهادر ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻن سان ناانصافي هوندي. سنڌ جي وڏي وزير ذوالفقار علي ڀٽي بابت ٻڌايو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته هو هن ملڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ اهو چئي هليو ويو ته هو پنهنجي اولاد جي قرباني ڏيڻ کان نٿو ڪيٻائي، جيڪو هن ڪري پڻ ڏيکاريو. ۽ وڌيڪ چيو ته ٻئي پاسي هڪ فاشسٽ پارٽي جو اڳواڻ (عمران خان) پنهنجي حفاظت لاءِ معصوم ڪارڪنن کي اڳيان ڪري رهيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بهادريءَ سان ڦاسي تي چڙهيو، جڏهن ته هو (عمران خان) پنهنجي هنڌ هيٺان ماسڪ پهري لڪيل مليو. مراد علي شاهه گڏيل قومن ۾ شهيد ڀٽو جي 1971ع ۾ ڪيل تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته هن هندستان جي پرڏيهي وزير سوارن سنگهه کي “ممتاز” جو لقب ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس هٿ پاڪستاني عوام جي رت سان رڱيل هئا ۽ ٻئي پاسي فاشسٽ ليڊر (عمران خان) پنهنجا هٿ معصوم ڪارڪنن جي رت سان رڱي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خبر هئي ته وطن واپسي تي کيس قتل ڪيو ويندو پر هوءَ پاڪستان واپس آئي، ان جي ابتڙ هن (عمران خان) پنهنجي تحفظ لاءِ هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي ميمبر کي وٽس رکيو آهي. اهو فرق آهي حقيقي جمهوري اڳواڻن ۽ فاشسٽ پارٽيءَ ۾ جيڪو رتوڇاڻ ۾ يقين ۽ ملڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي سميت عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ۽ ملڪ جي ادارن جو احترام نٿو ڪري. مراد علي شاهه عمران خان جي 31 آڪٽوبر 2018ع جي تقريرن​۽ اعلانن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن ججن جي قتل ۽ آرمي چيف کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪارڪنن کي روڊن تي اچڻ جو حڪم ڏنو هو. وڏي وزير چيو ته جڏهن مان پڙهندو هئس ته هو (عمران خان) ڪرڪيٽ کيڏندو هو ۽ مون ان وقت پڙهڻ شروع ڪيو هو، جڏهن هو 50 سالن جو هو، تنهنڪري هن وٽ نه ذهانت آهي، نه سياسي ڏاهپ ۽ نه ئي هوءَ ڪنهن جي عزت ڪندو آهي. اسيمبلي رولز ۾ پري بجيٽ جي شق متعارف ڪرائڻ بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي کي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اها شق 2013ع ۾ مرحوم ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪميٽي تيار ڪئي هئي، ٻي صورت ۾ پاڪستان جي ڪنهن به صوبائي يا قومي اسيمبليءَ ۾ اهڙو ڪو به مثال نٿو ملي ۽ نه ڪو اجلاس سڏايو ويندو آهي. وڏي وزير چيو ته پري بجيٽ بحث جو مقصد اسيمبلي ميمبرن جي تجويزن کي شامل ڪرڻ آهي. هن چيو ته مان ٿورائتو آهيان ڪجهه اسيمبلي ميمبرن جو جن سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ پنهنجن پنهنجن حلقن جا مسئلا اٿاريا. هن وڌيڪ چيو ته هو بجيٽ ۾ پنهنجون تجويزون منظور ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪندو. مراد علي شاهه چيو ته اپوزيشن بينچن جي ڪجهه ميمبرن ڪچي واري علائقي مان ڀنگ لاءِ اغوا جو معاملو اٿاريو. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي وارو علائقو سمنڊ کان شروع ٿي ڪشمور تائين وڃي ٿو، جتي ڌاڙيلن جو اهو مسئلو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ٽن سرحدن تي ٻڌل آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته هن بلوچستان ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن سان ڳالهايو آهي، هڪ اجلاس منعقد ڪيو وڃي ته جيئن ڪلين اپ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل اجلاس نه ٿي سگهيو پر فوج، انٽيليجنس ايجنسين ۽ پوليس سان گڏجي آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن. وڏي وزير چيو ته 2022ع جي ٻوڏ صوبي جي انفراسٽرڪچر ۽ معيشت کي تباهه ڪيو، تنهنڪري سندس حڪومت سادگيءَ وارا قدم کنيا آهن. فيبروري 2023ع تائين گذريل 8 مهينن ۾ 148 ارب رپين جي آپريشنل خرچن جي رکيل بجيٽ مان رڳو 80 ارب رپيا اسان خرچ ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته هو ترقياتي ڪمن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي رهيا آهن، پر هي ترقياتي ڪم ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بنيادي انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ سبب متاثر ٿي رهيو آهي. وڏي وزير پري بجيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران ڏنل تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button