سنڌ

معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ درندگي آهي:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري زوب ۾ شهرين جي گاڏين تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ درندگي آهي، ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي ۽ انهن جي پاسداري جي لاءِ پرعزم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button