سنڌ

سانا طرفان سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ھڪ سئو گھر ٺاھڻ جو اعلان

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ھڪ سئو گھر ٺھرائڻ لا سنڌ ۾ ڪم ڪند ڙ ھڪ سماجي ۽ فلاحي تنظيم علي حسن منگي ميمور يل ٽرسٽ سان معاھدي تي صحيحون ڪيون ويون. ضلعي لاڙڪاڻي جي ننڍي ڳوٺ خيرو ديرو ۾ ٿيل تقريب ۾ سانا جي نائب صدر اصغر پٺاڻ ۽ سماجي تنظيم جي نمائندي رمض علي صحيحيون ڪيون، جنھن مطابق سانا 100 گھرن جي تعمير لا ھڪ ڪروڙ روپيا اداري کي ڏيندي. اھي گھر ھلندڙ سال جي جون مھيني تائين مڪمل ڪيا ويندا. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر گڏيل بيان ۾ چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سانا طرفان ڪل 140 گھر ٺاھيا ويندا، ان ڏس ۾ سگھو ھڪ ٻيو معاھدو پڻ ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ھاليپوٽي چيو ته گذريل سال جي برساتن سبب پيدا ٿيل ٻوڏ تمام گھڻي تباھي برپا ڪئي، جنھن کي صرف حڪومت ۽ مقامي عوام اڪيلي سر منھن نٿا ڏئي سگھن. سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌين جو اھو فرض آھي ته ھو ھن ڏکي مھل ۾ پنھنجن ماڻھن جو ساٿ ڏين. سانا طرفان ٻوڏ متاثر ماڻھن لا گذريل آگسٽ مھيني کان وٺي مفت طبي ڪيمپون، دوائون، کاڌي خوراڪ جي سامان سميت ضرورت جون ٻيون شيون پڻ ڏنيون ويون آھن. جي ايس بئنڪ جي تعاون سان سانا طرفان ھڪ ڪروڙ روپين جي ماليت کان وڌيڪ مالي امداد سان صحت جون ڪلينڪس ۽ دوائون ڏنيون ويون ھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button