پاڪستانپنجاب

سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽائڻ خلاف مزاحمت جاري رکنداسين: عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف مزاحمت جاري رهندي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته ڏوهارين جي ٽولي طرفان سپريم ڪورٽ تي حملا، ان جا اختيار گهٽائڻ ۽ ان کي هيٺانهين ڏيکارڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جنهن خلاف عوام ڀرپور مزاحمت ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف عمران خان سان زمان پارڪ ۾ رٽائرڊ سيشن ججن جي وفد ملاقات ڪئي، 297 ميمبرن پي ٽي آ چيئرمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون کي اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ اسان کي ڀرپور مينڊيٽ ملندو ۽ ڪنهن سهاري جي ضرورت نه پوندي، اڄوڪي وفد ۾ ڪيترائي جج آر اوز به رهي چڪا آهن، اهڙا جج به هئا، جيڪي اينٽي ڪرپشن جا ڪيس ڏسندا رهيا آهن، اسان کي سوچڻو پوندو ته معاشري کي ڪيئن تحفظ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ سڌارن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌنداسين ۽ معاشري جي بهتري لاءِ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين، اسان عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا ۽ پراميد آهيون ته مستقبل ۾ ڀرپور مينڊيٽ سان حڪومت ٺاهينداسين، تحريڪ انصاف ڪڏهن ڳالهين کي پٺي ناهي ڏني پر اسان رڳو چونڊن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button