اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جا ڌمڪي ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ

اسلام آباد :سول جج ملڪ امان جي عدالت عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اربع ڏينهن شنوائي دوران عمران خان جي وڪيلن ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال رکڻ جي گذارش ڪندي چيو ته عمران خان کي جان جو خطرو آهي، ان کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت هاءِ ڪورٽ ۾ نوٽيس جاري ڪيا آهن، عدالت جي جج چيو ته سرڪار طرفان اڃا تائين ڪير به پيش ناهي ٿيو، انهن طرفان ڏسون ٿا ته ڇا ٿو چيو وڃي، ان موقعي تي وڪيل چيو ته مان هاڻ هاءِ ڪورٽ وڃي رهيو آهيان، عدالت چيو ته اوهان ڀلي وڃو، اوهان جا دليل اچي ويا آهن، عدالت شنوائي ۾ 11 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو، بعد ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان غير حاضر آهي، قابل ضمانت کي ناقابل ضمانت ۾ تبديل ڪيو وڃي، وزير آباد جو بهانو ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، ٻه ڏينهن پهريان وزيرآباد نه هو، جڏهن هاءِ ڪورٽ پيش ٿيو، هر تاريخ تي عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي. گذريل شنوائي تي جج چيو ته ڪيترا ڀيرا ڇوٽ ڏئي چڪا آهيون جنهن کانپوءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي ان جي صحيح به موجود نه آهي، عمران خان جي درخواست تي صرف ان جي وڪيلن جي صحيح آهي. گذارش آهي ته عمران خان جي ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي وڃي، عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن، عمران خان جي طبي رپورٽ پيش ناهي ڪئي وئي، حاضر نه ٿيڻ بابت ٺوس ثبوت به ناهن ٻڌايا ويا، دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي عمران خان کي 18 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي عدالت عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪي واري ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ جو به تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، چئن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ عدالت جو چوڻ آهي ته عمران خان پهريون ڀيرو گذريل سال پهرين آڪٽوبر تي عدالت طلب ڪيو، عمران خان جي 24 ۽ 26 جنوري، 13 فيبروري ۽ 9 مارچ تي به حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ٿي، ڪيترائي ڀيرا ڪيس ملتوي ٿيو پر عمران خان هڪ ڀيرو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، قابل ضمانت وارنٽ ۾ تبديلي باوجود پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن ٿا، عمران خان کي 18 اپريل تي عدالت ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button