پاڪستانعالمي

قوم تي فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا،نه بئنچ قبول آهي، نه ئي ان جو فيصلو مڃينداسين:نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي هن بئنچ ۾ 2 جج ته اهي ساڳيا آهن جن منهنجي خلاف پاناما ڪيس جو فيصلو ڏنو، سڌي ڳالهه آهي جڏهن بئنچ ئي قبول ناهي ته ان جو فيصلو ڪيئن قبول ڪنداسين، هن معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ گهرجي. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا سڀ اهو ئي پيا چون ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه جو اصرار آهي، هي قومي نوعيت جو معاملو آهي، ڪنهن ٽرڪ، ريڙهي واري يا پلاٽ خالي ڪرائڻ جو مسئلو ناهي، 2017 ۾ به اهڙي ئي قسم جي بئنچ ٺهي هئي جنهن سبب ملڪ جو مستقبل انداهو نظر اچي ٿو، 2017ع کانپو ڏسو ته توهان سان ڇا ٿيو آهي، عدالتي فيصلن قوم کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، پهرين توهان پيٽ ڀري ماني کائيندا هئا، اسان جي دور ۾ بجلي جو بل گهٽ هو، اسان لوڊشيڊنگ به ختم ڪئي، ملڪ ۾ موٽر ويز ٺهي رهيا هئا، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي، مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا بلند ترين سطح تي هئا، اڄ هڪ هڪ بلين ڊالر لا پاڪستان کي دنيا اڳيان هٿ ٽنگڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته قوم کي ان ئي بئنچ جي فيصلن تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي، ڇا ثاقب نثار ۽ ٻيا رٽائرڊ جج قوم کي اهو ٻڌائيندا ته مون کي ڇو نااهل ڪيو ويو؟ اڄ سون 2 لک رپيا في تولو کان به مهانگو آهي اهڙي صورتحال ۾ غريب ماڻهو پنهنجي نياڻي جي شادي ڪيئن ڪندو، غريب ماڻهو دوائون نٿا وٺي سگهن، ماڻهن کي ملڪيتون وڪرو ڪرڻيون پئجي رهيون آهن ۽ توهان کي ڪو خيال ناهي، توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ته جسٽس شوڪت صديقي ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون؟ ان کي ته گهر ڀيڙو ڪيو ويو، ڇا ان ڳالهه تي سوموٽو نوٽيس نٿو ٺهي ته نواز شريف سان زيادتي ٿي هئي؟ هي قوم تي پنهنجا فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا، اميد آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙن فيصلن کان بچائيندي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته جڏهن بئنچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن قبول ڪيو ويندو، فل ڪورٽ ٺاهيو ته ان جو فيصلو سڀئي قبول ڪندا، ٽن جي بئنچ ۾ نيٺ ڪهڙي مصلحت آهي، هر ڀيري اهي ئي ساڳيا 3 جج بئنچ ۾ ويهاريا وڃن ٿا، هن بئنچ ۾ 2 جج ته اهي آهن جن منهنجي خلاف فيصلو ڏنو، ڇا سڀئي فيصلا عمران خان لا ڪرڻا آهن؟ عدالتي فيصلن هڪ سٺي قوم کي پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي اهو مون کي 2017ع جو تسلسل لڳي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون ٻڌو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي دوران چيف جسٽس جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا، جيڪڏهن هو الله جي ڊپ کان رنو آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button