اسلام آبادپاڪستان

حڪومت پيٽرول سستو نه ڪيو، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ اگهن ۾ 10-10 رپيا لاٿ جو اعلان

وفاقي حڪومت لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جا اگهه 10- 10 رپيا في لٽر گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ها اسپيڊ ڊيزل جون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهنديون. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن لا لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ في لٽر 10-10 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول جو اگهه 272 رپيا في لٽر برقرار رهندو، جڏهن ته ها اسپيڊ ڊيزل به ايندڙ پندرنهن ڏينهن ساڳئي اگهه 293 رپيا في لٽر ۾ ملندو. هن وڌيڪ چيو ته گاسليٽ 10 رپيا سستو ٿيڻ بعد هاڻي 180 رپيا 29 پئسن ۾ دستياب هوندو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جو اگهه 10 رپيا لاٿ بعد 174 رپيا 68 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. پيٽروليم اسمن جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button