لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ٽي مهينا اڳ قتل ڪيل 16 ورهين جي نوجوان سمير بروهي جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مقتول نوجوان جي ما شبانه خاتون بروهي پنهنجي ڀينرن آسيه، گل بروهي سان گڏجي دانهيندي چيو ته نوجوان پٽ سمير بروهي کي گهر اڳيان ويهڻ جي معاملي تان ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين ۽ سندس ڀائرن تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس مک جوابدارن ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين سندس ڀائرن عمران علي، مشتاق احمد، علي محمد جسڪاڻي کي گرفتار نه ڪيو آهي. هن چيف جسٽس، وڏي وزير، آءِ جي ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close