سنڌ

زرداري ٽولي ايم پي ايز کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ڏنو آهي:ذوالفقار مرزا

جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڌاٻيجي ڀرسان سالار ڳوٺ پهچي بيدرديءَ سان قتل ڪيل ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ ۾ زرداري ٽولي پنهنجي ايم پي ايز کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آھي، جيڪي سنڌ ۾ مخالفن خلاف پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري ناظم جوکيو جهڙا نوجوان شهيد ڪرائي ماڻهن کي هيسائي پنهنجي ظلم ۽ حڪومت کي ڊيگھا ڏئي رهيا آھن. شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۽ درندگيءَ تي اسيمبلي ميمبر خاموش آھن، جن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. هن وقت سنڌ جي ماڻهن ۾ پ پ حڪومت خلاف سخت ڪاوڙيل آھي پر سنڌي عوام اها ڪاوڙ کي ووٽ جي شڪل ۾ ظاهر ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button