سنڌ

پاڻي کوٽ سبب قمبر-شهدادڪوٽ ۾ رڳو 50 سيڪڙو فصل ٿيو آهي:آبادگار

قمبر شهدادڪوٽ جي سنڌ آبادگار بورڊ اڳواڻن محسن علي قاضي، غلام مرتضيٰ لاشاري، ڪريم بخش آريجو، عبدالرزاق چانڊيو ۽ ٻين لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سکر بئراج جي انجنيئر کي لاڙڪاڻي جي به چارج ڏني وئي آهي ۽ انجنيئرن کي هر ڇهين مهيني تبديل ڪيو پيو وڃي، آفيسرن جي تبديلي ۽ پاڻي کوٽ سبب وارهه، سيف الله ۽ ٻين بئراجن ۾ صرف 50 سيڪڙو فصل ٿيو آهي ۽ هينئر ڪڻڪ لاءِ پاڻي به پنهنجي مرضيءَ تي ڏنو پيو وڃي. هنن چيو ته هاري ڪارڊ صرف لاڙڪاڻي ۾ نٿو ڏنو وڃي. هنن چيو ته غلط فيصلن ڪري ڪڻڪ جو فصل تيار نه ٿي سگهيو ۽ اسان آبادگارن جي مسئلن کي حل نٿو ڪيو وڃي، اسان جي فصل مان خرچ به نٿو نڪري، ڊيزل سميت هر شيءَ مهانگي ٿي چڪي آهي، يوريا بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، بليڪ مارڪيٽنگ ڪري آبادگار تباهه ٿي ويا آهن، اسان جي ڪچي وارا علائقا حڪومت جي غلط فيصلن ڪري تباهه ٿي چڪا آهن ڊپٽي ڪمشنر کي شڪايت ڪئي پر سڀئي پاڻ ۾ مليل آهي جنهن ڪري آبادگارن جا مسئلا حل نٿا ٿين. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جو رٽائرڊ ملازم مولانا عبدالعزيز سومرو پاڻي ورڇ واري نظام کي هلائي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪئنال مان نڪرندڙ 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي زمينن تائين پهچڻ وقت 9 هزار ڪيوسڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button