ڊکڻ ويجهو فتح پور اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ڊکڻ ويجهو غلام شاهه ٿاڻي جي حد جيڪب آباد-رتوديرو انڊس هاءِ وي تي فتح پور اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ مولابخش جکراڻي جو رهواسي ميرزادو جکراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ بشير جعفري سخت زخمي ٿي پيو. اهڙي واقعي بعد ڪار سوار ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو. فوتي جو لاش اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي غلام شاهه ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close