اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي. ٽنهي سياسي اڳواڻن جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي به مشاورت ڪئي وئي. جڏهن ته مستقبل جي حڪمت عملي سميت سمورن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سمورا قانوني ۽ آئيني قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close