اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ڊيفالٽ جي موڙ تي ناهي، سريلنڪا جهڙي حالت نه ٿيندي:آئي ايم ايف کي اميد

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان هلندڙ پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪنداسين. آ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلنا جارجيوا اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان پنهنجو موجوده پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪندو ۽ ان کي سريلنڪا يا گھانا جهڙي صورتحال کي منهن نه ڏيڻو پوندو. واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي عالمي بئنڪ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان موسمياتي سختين ۽ چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي پر پاڪستاني اختيارين طرفان جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، انهن کي ڏسي اميد ڪري سگهجي ٿي ته اسان هن پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري وٺنداسين، هن وقت اسان پاڪستان لا مالي خاطرين کي يقيني بڻائڻ تي ڳالهائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جن معاملن تي سهمت ٿيو انهن تي عمل ڪري پروگرام کي مڪمل ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته اهو اسان سڀني جي نيڪ جذبن سان ممڪن ٿيندو، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ ۾ فرنٽ لائين تي رهندو، ملڪ ۾ زراعت جي مستقبل کي جٽادار بڻائڻ تي سوچڻو پوندو، پاڪستاني اختيارين سان گڏجي وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان اهڙو پاليسي فريم ورڪ جوڙي وٺي جنهن سان معاشي خطرا ٽري وڃن. آءِ ايم ايف سربراهه وڌيڪ چيو ته اسان اهو چاهيون ٿا ته پاڪستان جٽادار معاشي ترقي ڏانهن وڌي، هن وقت اسان پاڪستان کان عالمي مالياتي سهڪار تي خاطري چاهيون ٿا. پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي خطري بابت پڇيل سوال تي ڪرسٽيلنا جارجيوا جواب ڏنو ته پاڪستان اڃا ان موڙ تي ناهي پهتو ۽ ڀلائي ان ۾ آهي ته اوستائين نه پهچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button