اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بحرين جي پارليامينٽ جي وفد جي به شرڪت

اسلام آباد:پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بحرين جي پارليامينٽ جي وفد به شرڪت ڪئي ۽ ايوان جي ڪارروائي ڏٺي. بحريني پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد بحرين جي اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ هائوس پهتي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس اچڻ تي بحريني وفد جي آجيان ڪئي. ان کان پوءِ ايوان ۾ اچڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو جڏهن ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف عربي ۾ سندن آجيان ڪئي، بحريني پارليامينٽ جي ميمبرن مهمان گيلري ۾ ويهي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي به ڏٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button