اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي:مراد علي شاهه

اسلام آباد:سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. هاڻ ان جو گهٽ وقت رهجي ويو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪمزور دل جا ماڻهو سياست ۾ نٿا اچي سگهن. مستقبل ۾ ماڻهو عدليه، بيورو ڪريسي ۽ سول سروس ۾ به نه ايندا. مراد علي شاهه چيو ته موجوده حڪومت کي آئين جي ڪابه سمجهه ناهي. حڪومت ۾ نااهل، گهٽ عقل ۽ ناسمجهه ماڻهو جمع ٿي ويا آهن. جيڪي نااهل ماڻهو آئين جي پاسداري نٿا ڪن، اهي ملڪ ڇا هلائيندا. جيڪڏهن ڪو آفيسر صوبي ۾ صحيح ڪم ڪري رهيو آهي ته ان کي وفاق صوبي مان ڪڍي ڇڏي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button