پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ يارهين شريف جو جلوس،درگاهه سخي عبدالوهاب تي حاضري

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ يارهين شريف جي چادر ڪڍي وئي، شهر جي علائقي مدينه چوڪ کان درگاهه سخي عبدالوهاب شاهه جيلاني تائين انجمن سرفروشان اسلام پاران پ پ جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي، ملڪ يونس، طلعت سائين، چوڌري سليم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يارهين شريف جي چادر ڪڍي مختلف رستن جو گشت ڪيو ويو، جنهن دوران وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاشا قاضي گڏ ٿيل ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته هر سال جيان هن سال به يارهين شريف جي چادر مبارڪ ڪڍي وئي آهي، جنهن ۾ هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو شريڪ ٿيندو آهي، هن پروگرام ۾ ڪابه تعصب واري ڳالهه ناهي، اسان سڀ ڀائرن جيان چادر مبارڪ ڪڍندا آهيون ۽ نياز ننگر ڪندا آهيون. ميڙ کي ملڪ يونس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button