پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو فيصلو

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد ۾ حددخلين جي آزار ۽ مختلف سرڪاري ادارن جي پراپرٽين تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لا اسسٽنٽ ڪمشنر نظير احمد ميمڻ جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختيارڪار نظير احمد خاصخيلي، ٽائون آفيسر ارشاد خاصخيلي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر گل محمد قائمخاني، سب انجنيئر ايريگيشن آفتاب احمد نونداڻي، واپڊا ھائيڊرو يونين چيئرمين نويد رضا قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي پراپرٽين تي ٿيل قبضن ۽ مين روڊن تي ٿيل انڪروچمينٽ خلاف ايندڙ ھفتي کان آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نظير احمد ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي ھدايتن تي انڪروچمينٽ ۽ سرڪاري پراپرٽين تان قبضا ختم ڪرائڻ لا آپريشن شروع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button