اسلام آبادپاڪستان

ووٽنگ مشين شيطاني ناهي،ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا:شاهه محمود

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن ضمير جو سوڌو نه ڪري، بل جي حق ۾ ووٽ ڏي. اسان کي ڪارو قانون مڙهڻو نه آهي، ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا. اسان اپوزيشن سان رابطو ڪري اي وي ايم مشين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ان وقت اوهان ڌيان نه ڏنو جيڪڏهن اڌ ڏينهن اڪثريت نه هجي ها ته اسان بل ڇو پيش ڪريون. قانون سازي جو هڪ طريقو آهي، اسان هر طريقي تي عمل ڪيو آهي، ميمبرن جا سوال هئا اسان کين دليل ڏئي قائل ڪيو ۽ انهيءَ ڪري ميمبر حڪومت جي صفحن ۾ ويٺن آهن. اي وي ايم مشين شيطاني نه آهي، ماضي جي شيطاني منصوبن کي ختم ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي. ايوان بل کي منطور ڪري ٿو ته اورسيز پاڪستانين کي سندن حق ضرور ملندو. اربع تي شهبازشريف کانپوءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومتي ميمبرن مخالف ڌر اڳواڻ جي ڳالهه ٻولهه کي سنجيدگي سان ٻڌو. چيو ويو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي مان اتفاق ڪيان ٿو ته سچ پچ ۾ تاريخي ڏينهن آهي. هي ايوان هڪ اهڙي قانونسازي ڪري رهيو آهي جنهن سان ماضي جون خرابيون تبديل ٿينديون. هن چيوته اسان لا تاريخي ڏينهن ان لاءِ به آهي ڇو ته 1970 کان پوءِ جيترون به چونڊون ٿيون آهن سڀني تي سواليه نشان لڳي ويو. ڪڏهن پيپلزپارٽِي چيو ڌانڌلي ٿي ڪڏهن (ن) ليگ چيو، تحريڪ انصاف به 2013 ۾ چيو هو ته ڌانڌلي ٿي آهي. هن چيو ته شهباز شريف چيو ته اسان قانونسازي کي بلڊوز ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ايئن نه پيا ڪريون، هي ڪوئي راز نه آهي، اسان اوهان سان رابطو ڪيو اوهان کي اي وي ايم مشين پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو. جڏهن ته ان وقت اوهان ان تي ڌيان نه ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان گڏيل اجلاس ناهي مڙهيو، 11 نومبر تي اسان تاريخ ڏني هئي ان کي ملتوي ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان وٽ عددي اڪثريت نه هئي ان لاءِ ملتوي ڪيو ويو جيڪڏهن عددي اڪثريت نه هجي ها ته اسان هي بل ڇو پيش ڪريون ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button