پاڪستانسنڌ

شهدادپور ڪاليج ۾ راندين جو هفتو پڄاڻي تي پهتو، انعام ڏنا ويا

مقصودو رند: ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شاهده پروين ابڙو جي حڪم تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ ٿيندڙ راندين جو هفتو پڄاڻي تي پهتو. آخري ڏينهن تي ايٿليٽڪس ۽ والي بال راند جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڪلاسز جي ٽيمن حصو ورتو، والي راند جي فائنل ۾ انٽر ميڊيڪل ۽ فرسٽ ايئر انجنيئرنگ ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، سخت مقابلي کانپو فرسٽ ايئر انجنيئرنگ جي ٽيم انٽر جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل پنهنجي نالي ڪيو. ايٿليٽڪس ۾ وڊسڪس، ٿرو شاٽ، جويلين ٿرو ۽ 100 ميٽر، 200 ميٽر ۽ 400 ميٽر ريس جا مقابلا ٿيا. ريس ۾ علي حسن فرسٽ ايئر پهرين پوزيشن، وسيم خان فرسٽ ايئر ميڊيڪل سيڪنڊ پوزيشن ۽ ۽ هدايت الله فرسٽ ايئر ميڊيڪل جي ٿرڊ پوزيشن حاصل ڪئي. ميچ جو افتتاح فوڪل پرسن اسپورٽس سانگهڙ حصال مريم ۽ ڪوآرڊينيٽر پروفيسر فرح ناز ڪيو. حصال مريم، پروفيسر فرح ناز ۽ پروفيسر وسيم بيگ عظيمي رانديگرن کي روڪ انعام ڏنا ۽ ونر ٽيم جي ڪپتان علي حسن ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان امداد علي کي ٽرافيون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button