پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ آصفه ڀٽو فٽبال اڪيڊمي پاران ٽورنامينٽ جاري

ميرپورخاص: آصفه ڀٽو زرداري فٽبال اڪيڊمي ميرپورخاص پاران شمع گرائونڊ ۾ منعقد ڪيل آل سنڌ شهيد بينظير ڀٽو فٽبال ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ 4 ميچن جا مقابلا ٿيا. پهرين ميچ ۾ ينگ بوائز فٽبال ڪلب يونائٽيڊ فٽبال ڪلب کي هڪ گول تان شڪست ڏني، ميچ جو واحد گول فاتح ٽيم جي دانيال اسڪور ڪيو. ٻئي ميچ ۾ ميرپورخاص يونائٽيڊ فٽبال ڪلب شاهين فٽبال ڪلب کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني. ظاهر شاندار راند جو مقابلو ڪندي 4 گول اسڪور ڪيا ۽ عاقب هڪ گول ڪيو، ٽين ميچ ۾ بلوچ اسٽار فٽبال ڪلب جي ٽيم موسيٰ ميموريل فٽبال ڪلب کي ٻن جي مقابلي ۾ 4 گولن تان شڪست ڏني. چوٿين ميچ ۾ ملير ڪراچي جي شاهين فٽبال ڪلب ڄامشورو فٽبال ڪلب کي دلچسپ مقابلي بعد هڪ گول تان شڪست ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button