مٺي: ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏاڍائي بعد آپگهات ڪندڙ نينگري ليلان ميگهواڙ جي ڪيس ۾ عدالت طرفان سزا ٻڌايل جوابدار کي بچائڻ لاءِ ٿرپارڪر جي بااثرن پاران متاثر ڪٽنب ۽ جوابدار وچ ۾ راضي نامون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل جرڳي واري معاملي تي سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ ليلان ميگهواڙ معاملي تي جرڳي جي تصديق ڪري ڪاروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي آهي ته رياستي پابندي باوجود جرڳي ڪوٺائيندڙن خلاف سخت قدم کڻڻ سان گڏ متاثر خاندان کي فوري طور پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ڪجهه سال اڳ تعلقي ڏيپلي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ 16 ورهين جي ليلان ميگهواڙ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻجڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو هو. سيپٽمبر 2021ع ۾ مٺي جي هڪ عدالت زنا، حمل ڪيرائڻ ۽ آپگهات تي مجبور ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڪونپجي ٺڪر کي 24 سال قيد ۽ 95 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. هلندڙ سال فيبروري دوران ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهي خبرون آيون هيون ته ٿر ضلعي جي بااثرن جوابدار ڪونپجي ٺڪر کي عدالتي سزا کان بچائڻ لاءِ جرڳو ڪوٺايو، جنهن ۾ ليلان جي وارثن کي مبينا طور جوابدار کي معاف ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو. ٻڌايو ويو ته جرڳو اڳوڻي ناظم ارباب انور جبار ڪرايو، جرڳي ۾ وارثن کي جوابدار کي معاف ڪرڻ جي عيوض هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. اهڙيون رپورٽون سامهون اچڻ تي وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت اسپيشل اسسٽنٽ سريندر ولاسائي نوٽيس ورتو ۽ ڪاشف بجير ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ 3 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ پريل مري ايڊووڪيٽ ۽ نورجهان ڳهلڙو ايڊووڪيٽ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو هو. فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ليلان ميگهواڙ جي وارثن، ڳوٺ جي ٻين ماڻهن، لاڳاپيل آفيسرن ۽ صحافين سان ملاقات ڪري توڙي ليلان ميگهواڙ ڪيس بابت دستاويزن ۽ ثبوتن جو جائزو وٺي 8 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جوڙي انساني حقن واري کاتي کي پيش ڪئي. ڪميٽي ڄاڻايل معاملي تي جرڳو ڪوٺائڻ جي تصديق ڪندي سفارش ڪئي آهي ته جرڳو ڪندڙ خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي جرڳن تي پابندي آهي ته ٻئي پاسي اينٽي ريپ قانون مطابق جنسي ڏاڍائي ناقابل معافي ڏوهه آهي. ڪميٽي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن کان پڻ سفارش ڪئي آهي ته ليلان ميگهواڙ ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ هو پنهنجو نمائندو مقرر ڪري. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جو تعلق بااثر خاندان سان آهي، ليلان ميگهواڙ جي ڪٽنب جا ڀاتي ڏيهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت آهن. ڪميٽي آئي جي سنڌ پوليس کي پڻ سفارش ڪئي ته عدم تحفظ جي احساس جي خاتمي لاءِ ليلان ميگهواڙ جي ڪٽنب ۽ برادري جي گهرن اڳيان پوليس چوڪي قائم ڪري وارثن کي پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، وارثن کي ڪيس داخل ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته عدالت پاران جوابدار کي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ مقتولا جي هڪ ڀا جهامن ميگهواڙ پڻ آپگهات ڪيو هو، ان معاملي جي پڻ ٻيهر جاچ ڪرائڻ ضروري آهي. فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي عدالت ۾ جمع ڪرايل پوسٽ مارٽم رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڏاڍائي بعد ليلا 6 مهينن جي پيٽ سان هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close