پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بدامني ۽ لاقانونيت خلاف قومي سٿ جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ وڌندڙ بدامني، لاقانونيت ۽ چورين توڙي ڦرن ۾ مسلسل واڌ خلاف قومي سٿ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي واجد لغاري، منظور ميمڻ، لالا اظھر پٺاڻ، علي مراد شر ۽ ٻين چيو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني، چورين ۽ ڦرن کي روڪڻ ۾ پوليس مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي، ضلعي جي ٿاڻن تي مقرر سفارشي ايس ايڇ اوز پنھجي حدن ۾ ڏوھن کي روڪي ناھن سگھيا، رڳو گٽڪي مين پڙي جي راند ۾ رڌل آھن، جنهن سبب عوام جو جان مال محفوظ ناهي. اڳواڻن چيو ته اڄ کان 6 نقاطي تحريڪ شروع ٿي چڪي آھي، جنهن ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص کي بدلي ڪرڻ، ٿاڻن تي نواز آفيسر مقرر ڪرڻ، شهر ۾ رهندڙ ٻين صوبن جي ماڻھن جي مڪمل جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ امن بحال ڪرائڻ سميت ٻيا نقطا شامل آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته قومي سٿ ۾ شامل اڳواڻ عابد ڪوري جي چوري ٿيل موٽرسائٔيڪل واپس ڪرائي وڃي ۽ ڪيس داخل نه ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button