پاڪستانسائنس ۽ ٽيڪنالاجيعالمي

سائنسدانن ڪينسر جي علاج ۾ اهم ڪاميابي ماڻي ورتي

انساني زندگي لاءِ خطرناڪ بيماري ڪينسر جي علاج ۾ سائنسدانن تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ اسٽينفرڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن جينياتي طور تبديل ٿيل هڪ بيڪٽيريا سان ڪوئي ۾ موجود آخري حد واري چمڙي جو ڪينسر ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن تجربو ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

جينيٽڪس جو هڪ سرشت

پرڏيهي رسالي جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جاندارن جي پنهنجي چمڙي ۾ موجود ڪجهه بيڪٽيريا کي تبديل ڪري ڪينسر جي علاج ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ هي بيڪٽيريا ڪوئين جي اڀار واري کل ۾ عام طور تي موجود مليا آهن، جن کي اسٽائفيلوڪوڪس ايپي ڊرمائڊس چيو ويندو آهي. يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر مائيڪل فش باخ ۽ ان جي ساٿين سرانجام ڏنو آهي، جيڪي پنهنجي تجربي کي جادوئي عمل قرار ڏئي رهيا آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي تھ ڪوئي جي چمڙي ۾ خطرناڪ قسم جون ڪينسر واريون رسوليون هيون، اسان رڳو ايترو ڪم ڪيو تھ تبديل ڪيل بيڪٽيريا کي ڪپهه ذريعي چمڙي تي موجود رسولين مٿان لڳايو، باقي ڪم بيڪٽيريا پاڻ ڪندي رسولين کي نشانو بڻايو آهي.

بيڪٽريائن جو هڪ نظام،

سائنسدانن ٻڌايو تھ چمڙي جي گهرائي ۾ اهڙا ڊي ايٽ ٽي سيل موجود هئا، جيڪي ڪينسر کي ختم ڪرڻ سان گڏ ڪيترين ئي بيمارين سان وڙهندا آهن، انهن سيلز کي جسم جو دفاعي نظام چيو ويندو آهي. ماهرن رڳو بيڪٽيريا جسم تي لڳايو تھ رسوليون ختم ٿي ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ان معاملي تي اڃا تحقيقي جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button