پاڪستانپنجاب

جماعت اسلامي جو چونڊن جي تاريخ تي اتفاق لا عيد کانپو اي پي سي ڪوٺائڻ جو فيصلو

جماعت اسلامي طرفان عام چونڊن جي تاريخ بابت اتفاق پيدا ڪرڻ لا عيد کانپو آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اي پي سي جماعت اسلامي جي قيادت ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عمران خان ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پڻ اي پي سي ۾ سڏائڻ لاءِ رابطا شروع ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس جي هڪ نڪاتي ايجنڊا عام چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ آهي، جماعت اسلامي چاهي ٿي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر چونڊن لاءِ هڪ تاريخ تي سهمت ٿين، اي پي سي ۾ حڪومت کي آڪٽوبر کان اڳ ۽ تحريڪ انصاف کي مئي کانپوءِ چونڊن لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هوڏانهن نواز ليگ مان سينيئر اڳواڻن سعد رفيق ۽ اياز صادق کي جماعت اسلامي سان معاملا اڳتي وڌائڻ جو گرين سگنل ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button