پاڪستانپنجاب

عمران خان پنهنجي خلاف داخل 121 ڪيسن خلاف هائيڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاڻ تي داخل 121 ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ وزيراعظم، گهرو سيڪريٽري، قانون واري وزارت، بچاءَ واري وزارت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب، نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي، پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي، ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ مٿس 121 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت تحريڪ انصاف جي حامين کي گرفتار ۽ نظربند ڪري رهي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سمورن ڪيسن تي ڪاروائي روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button