بلوچستانپاڪستان

خضدار ۾ ڪوئيٽا- ڪراچي قومي شاهراهه تي حادثو، ڇهن پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا فوت

خضدار ۾ ڪوئيٽا- ڪراچي قومي شاهراهه تي وڍ واري هنڌ ڪار ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب عيد جون موڪلون ملهائڻ لا ويندڙ ڇهن پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. خضدار جي ڊپٽي ڪمشنر موجب نيشنل هاءِ وي تي شهدا چيڪ پوسٽ ڀرسان ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو. ليويز فورس مطابق فيلڊ ڪار ۾ سوار 6 پوليس اهلڪار ڪوئيٽا ۾ لوئر ڪورس جي ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد لسٻيلا وڃي رهيا هئا ته سندن گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي. حادثي جي فوتي اهلڪارن جا لاش وڍ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي ٿيل ڊرائيور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو جيڪو پڻ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ عبدالجبار، ڌڻي بخش، عبدالمجيد، محمد سليم، طلحا ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button