پاڪستانپنجاب

اسان جي شروع ڪيل ترقي جي سفر کي گذريل حڪومت روڪي ڇڏيو:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۾ ترقي جو جيڪو سفر اسان شروع ڪيو هو ان کي گذريل حڪومت روڪي ڇڏيو، پنجاب جي عوام کان مسلم ليگ ن جي حمايت جو انتقام ورتو ويو آهي، لاهور ۾ نوان منصوبا شروع نه ڪيا ويا جڏهن ته اسان جي شروع ڪيل منصوبن کي پڻ روڪيو ويو، گذريل ڏينهن لاهور ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي چئن سالن دوران پنجاب کي هڪ نااهل وڏي وزير جي حوالي ڪيو ويو، پنجاب ۾ ترقي تي ڌيان ڏيڻ بدران وڏ وزارت جي عهدي کي وفاق ۾ سياسي جوڙ توڙ لاءِ استعمال ڪيو ويو، عوامي ڀلائي وارا منصوبا جيڪي هن وقت تائين مڪمل ٿي عوام جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي ڪن ها انهن کي مڪمل نه ڪيو ويو، وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب سمورن جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم محمد شهاز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ جاري عوامي سهولتن جي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين منصوبن جي حوالي سان اعلي سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيمه، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران وزيراعظم کي اماميه ڪالوني فلاءِ اوور جي منصوبي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم منصوبي کي عوام جي استعمال لاءِ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي گوجرانواله جي عوام جي سهولت لاءِ لاهور- سيالڪوٽ موٽر وي لنڪ روڊ جي منصوبي جي حوالي سان پڻ آگاه ڪيو ويو، وزيراعظم ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير کي هڪ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button