سانگھڙ/ورڪشاپ: منگلي ۾ مقاطعي تي زمين ڏيڻ تان چاچن ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 2 ماڻهو قتل ٿي ويا، فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ڪاروائي ڪندي 5 همراهه گرفتار ڪري ورتا. خبر موجب منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر 45 ۾ اقبال موري وٽ زمين جو مقاطعو ڏيڻ تان ٻن ڌرين چاچن ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب زمان مگسي ۽ سڀاڳو مگسي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سدورو مگسي، خان مگسي ۽ نور محمد مگسي زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جڏهن ته هڪ زخمي سدورو جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن کي نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ زمين جي مالڪ حاجي خان محمد مگسي ٻڌايو ته مون زمين مقتول سڀاڳو کي مقاطعي تي ڏني هئي، برادري جي ٻين ماڻهن الله بچايو، سردار مگسي، قربان مگسي ۽ ٻين 6 جوابدارن هٿياربند ٿي شاخ تي اچي حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪري ڏني، پوليس اڍائي ڪلاڪ دير سان پهتي، جنهن سبب اسان زخمين ۽ لاش دير سان اسپتال کڻي آياسين، اطلاع ملڻ کانپوءِ منگلي پوليس واقعي واري هنڌ اڍائي ڪلاڪ دير سان پهتي. ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪ جي بنياد تي چار کان پنج ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، اڃان خبر نه پئي آهي ته ڪنهن فائر ڪيا آهن، ڌرين جو پاڻ ۾ رشتي جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو آهي، ڌريون پاڻ ۾ اڳ به وڙهيون هيون، جنهن جو ڪيس منگلي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close