
ورڪشاپ: منڊ جمڙائو واري علائقي ڳوٺ اوباھيو ڳاھو ۾ صيفل ڳاھو ۽ جمال دين ڳاھو جي گھرن کي چلھه مان چڻنگ اٿڻ ڪري گهرن کي باھه لڳي وئي، گهر ۾ پيل سمورو سامان ۽ نياڻي جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو، گهر سڙڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.