پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ ايس ايس پي جي ڪچهري، منشيات ۽ بدامني جون دانهون

چمبڙ: ايس ايس پي ٽنڊي الهيار سيد سليم شاهھ چمبڙ ٿاڻي تي کلي ڪچهري ڪئي، جنھن ۾ واپارين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ايس ايس پي ماڻهن جون شڪايتون ٻڌون. ماڻهن دانهون ڪيون ته چمبڙ ۽ سنجر چانگ ۾ منشيات جو وڪرو ۽ ڦرلٽ وڌيل آهي، ٺري جون بٺيون آهن، عوام کي ڪو تحفظ ناهي، ڪجهه ڀوتار ڏوهارين جا سهولتڪار بڻيل آهن. ان موقعي تي ايس ايس پي سليم شاھه کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي چيو ته عوامي شڪايتون جائز آھن، جن کي جلد ميرٽ جي بنياد تي ترجيح ڏئي ازالو ڪيو ويندو، سوشل ميڊيا تي ڪنھن جي ڪردارڪشي يا بي بنياد الزامن جي بنياد تي ھلندڙ مھم خلاف سائيبر ڪرائيم ڏانهن ليٽر جاري ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪو پوليس عملدار رشوت يا غير قانوني ڪم ڏٺو ويو ته رعايت نه ٿيندي. هن ماڻهن کي چيو ته اسان پنھنجي معاشري کي بھتر ڪرڻ لا وڌ ۾ وڌ سڀ گڏجي تعليم کي اھميت ڏيون. ايس ايس پي ڊي ايس پيز ۽ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي پابند بڻايو ته عوام جي ڪابه شڪايت نه اچڻ گهرجي، سمورا مسئلا حل ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button