پاڪستانسنڌ

پنوعاقل ۾ صحافي عرفان عباسي تي تشدد، ڇڏائڻ آيل پريل دايو پٽ سميت اغوا

حيدرآباد: پنوعاقل ۾ رات دير سان ھٿياربندن جو صحافي عرفان عباسي جي گھر تي حملو، ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻو تشدد، پوليس حوالي، ڪيس داخل، ملڻ لا آيل صحافي پنهنجي پٽ سميت اغوا، 12 ڪلاڪن بعد زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪيو ويو. تفصيل موجب پنوعاقل ۾ رات دير سان 20 کان وڌيڪ هٿياربندن پبلڪ اسڪول سامهون صحافي عرفان عباسي جي گهر تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري زخمي حالت ۾ پوليس حوالي ڪيو. جڏهن ته امير بخش چاچڙ نالي همراهه جي فرياد تي صحافي عرفان عباسي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف اهڙي اطلاع تي سينيئر صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو پنھنجي پٽ ارشاد دايو، برڪت جھنڍير ۽ ٻين صحافين سان گڏجي ٿاڻي تي پھتو، جتان واپسي تي سول ڪورٽ اڳيان ھٿياربند صحافي پريل دايو ۽ سندس پٽ ارشاد دايو کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا. هوڏانهن صحافي پريل دايو ۽ سندس پٽ جي اغوا خلاف صحافين، اديبن ۽ شاعرن جي احتجاج ڪيو، جنهن جي 12 ڪلاڪن کانپوءِ ھٿياربند پي پٽ کي پريس ڪلب ڀرسان زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته شھري صحافي ۽ سندس پٽ کي تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو. ٻئي پاسي تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سگا جو مرڪزي اڳواڻ منظور اڄڻ سميت وڏي انگ ۾ شھري پھتا. ان موقعي تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته پو سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. زخمي صحافي پريل دايو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربند صحافي عرفان ڪلھوڙو کي گھر مان گهليندا پريس ڪلب کڻي ويا ۽ اتي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪيو، اهڙي اطلاع تي ٿاڻي تي پھتاسين ۽ واپس ٿياسين ته عبدالله چاچڙ پنھنجي ساٿين سان گڏجي اغوا ڪري ڳوٺ ٻٽر کڻي ويو، جتي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي وري پريس ڪلب کڻي ويا جتي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو. ھن چيو 12 ڪلاڪ يرغمال بڻائڻ کانپوءِ پريس ڪلب ڀرسان ھٿياربند ڦٽو ڪري ويا آهن، جنهن جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. جڏھن ته لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ادبي سنگت پاران عبدالقادر جاگيراڻي، سلامت ابڙو ۽ ذيشان کوکر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button