اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور/سيپٽمبر ۾ چونڊن جي تجويز

اسلام آباد : حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڳالهين جو ٻيو دور هاڪاري اڳڀرائي سان ختم ٿيو ۽ ڌريون اڱاري تي ٻيهر ويهنديون. ڪالهه ڳالهيون پارليامينٽ هائوس ڪميٽي روم نمبر 3 ۾ ٿيون، حڪومتي ۽ تحريڪ انصاف جي ٽيمن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان به ملاقات ڪئي. ذريعن موجب حڪومت سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي پي ٽي آءِ وفد عمران خان سان ڳالهائڻ جي حامي ڀري. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جولاءِ ۾ چونڊن جو مطالبو ڪيو، جنهن تي حڪومت جون ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جي مجبوري ظاهر ڪئي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حڪومتي ٽيم جي ميمبر اسحاق ڊار چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، اڄوڪي اڳڀرائي کان قيادت کي آگاهه ڪنداسين، اڱاري تي ٻيهر ويهنداسين، ٻنهي ڌرين تجويزون ڏنيون آهن، ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان مناسب اڳڀرائي حاصل ڪئي، عمران خان کي اعتماد ۾ وٺنداسين، اڱاري ڏينهن ڳالهين جو ٽيون فائنل رائونڊ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان جي نيت آهي ته آئين جي دائري ۾ رهي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، هڪ پاسي ڳالهيون ٻئي پاسي گرفتاريون ٿي رهيون آهن، حڪومتي ڪميٽي سامهون به اهو معاملو اٿاريو آهي. فواد چوڌري چيو ته حڪومتي گرفتارين کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، حڪومت گرفتارين کان انڪاري آهي پر اهڙا قدم کڄندا ته پوءِ ڳالهين جو فائدو ناهي، ٻنهي ڌرين طرفان ماحول بهتر رهڻ گهرجي، ماحول بهتر رهيو ته نتيجي تي پهچي وينداسين. هوڏانهن ذريعن مطابق حڪومت اليڪشن جي تاريخ تي نرمي جي جواب ۾ نرمي جو مطالبو ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف جي ڪميٽي عمران خان جي هدايت کان پٺتي هٽڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. هن کان اڳ حڪومت ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ نماز جو وقفو ٿيو هو. اعظم نذير تارڙ کان صحافي سوال ڪيو ته ڳالهين ۾ ڇا خاص اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جواب ۾ هن چيو ته الله خير ڪندو، صادق سنجراڻي، يوسف رضا گيلاني، طارق بشير چيما کي پنهنجي چيمبر ۾ وٺي ويا آهن. جڏهن ته شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري سينيٽ ۾ ليڊر آف اپوزيشن جي ڪمري ۾ هليا ويا هئا. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وفد وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آئي جو شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ علي ظفر شريڪ ٿيا. حڪومت پاران وفد جي اڳواڻي اسحاق ڊار ڪري رهيو هو. جڏهن ته يوسف رضا گيلاني، نويد قمر، اعظم نذير تارڙ ۽ سعد رفيق به شريڪ ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button