اسلام آبادپاڪستان

آدمشماري جي تاريخ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي آهي:احسن اقبال

اسلام آباد : رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته آدمشماري جي تاريخ ۾ 15 ڏينهن جي وڌيڪ واڌ ڪئي پئي وڃي، هر ماڻهو جي ڳڻپ ٿيڻ گهرجي. فالٽ لائنز آهن جنهن سبب 20، 20 سال آدمشماري نه ٿي سگهي. ڪنهن علائقي، صوبي يا شهر خلاف تعصب ناهي، سمورين پارٽين سان اڳڀرائي ڪئي آهي. آدمشماري جي وقت سر تڪميل لاءِ سياسي پارٽين کي تعاون جو چيو آهي. آدمشماري جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان پارٽين سان اڳڀرائي ڪئي آهي، شهري علائقن ۾ ڳڻپ جو عمل سست رويي جو شڪار آهي، انهن علائقن ۾ گپيس کي محسوس ڪيو ويو آهي، اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ سمورن ماڻهن کي شمار نه ڪيو ويو، ڪجهه علائقن جي سپارڪو جي مدد سان گهرن جي نشاندهي سميت مدد ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button