پاڪستانسنڌ

طوفان ۽ گجوڙ سان برسات، کنوڻ ڪرڻ سبب نينگر سميت 3 ڄڻا فوت

حيدرآباد: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ نينگر سميت 3 ماڻهو فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان زوردار مينهن وسيو، جنهن بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو. جڏهن ته برسات وسڻ وقت ئي حيسڪو حيدرآباد ۾ 60 فيڊر بند ڪري ڇڏيا، جنهن دوران شهري پريشان ٿي ويا. موسميات کاتي حيدرآباد جي انچارج عابد لغاري موجب مٽي جي طوفان ۽ تيز هوا جي رفتار 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار هئي. مختلف علائقن ۾ برسات دوران بجلي جون تارون ڪرڻ ۽ ٽرانسفارمرن جي ڌماڪن جون پڻ شڪايتون مليون. مٺي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان طوفاني برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، جيڪو رات دير تائين وقفي وقفي سان جاري هو، برسات شروع ٿيندي ئي ٿري ماروئڙن جي مرجهايل چھرن تي مرڪن جا گلاب ٽڙي پيا. هوڏانهن برسات بعد بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان هلڪي برسات ڪيتري دير سان جاري رهي، تيز هوا سبب مين چوڪ تي يارنهن هزار وولٽيج جي تار ڪري پئي. ڪوهستان ۽ جامشهور ماڳن ۾ ڪارو جبل، وٽوارو جبل، پنڃل مڪان لوياڇ، سري، ڪلوکوهر ۽ ٻين علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ گجگوڙ سان وسڪارو ٿيو. ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي، جنهن سبب نئيون ۽ ڍورا وهي آيا. ڳوٺ غلام قادر عاقلاڻي ۾ چوپائي مال جي ڌنار ڏتو عاقلاڻي ۽ سندس پٽ مٿان وڄ ڪري پئي، جنهن دوران هو زخمي ٿي پيا، سندن 30 ٻڪريون ٿڏي تي مري ويون، زخمي ڌنار ۽ سندس پٽ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽنڊوآدم ۾ طوفاني هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو پيو، جنهن دوران بجلي بند ٿي وئي. هيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿي ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب الفتاح چوڪ، تين بتي چوڪ، مهراڻ چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. مٽياري شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ تيز ھوا سان طوفاني برسات سبب شھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو. گلاب لغاري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ ۽ تيز طوفاني ھوائن سان زوردار برسات ۽ ڳڙي دوران ڳوٺ لونگ دستي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي نبن دستي جي ھڪ مينھن ۽ ھڪ ڍڳي مري وئي. ڪڙيو گھنور ۾ تيز ھوا ۽ گجگوڙ سان پوندڙ زوردار برسات سبب واڍا اسٽاپ لڳ ڳوٺ حبيب الله چانڊيو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 10 ورھين جو نينگر ڌنيش پٽ ڀورو ڪولھي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر ڌنيش پنهنجي ناني سان گڏ گھرن ويجھو ٻڪريون چارڻ ويو، جتي برسات وسڻ سبب نانو ٻڪريون ڪاھي گھر ويو ۽ نينگر گھرن ويجھو دڪان تان سامان وٺي گھر اچي رھيو ھو ته مٿس کنوڻ ڪري ۽ هو فوت ٿي ويو. فوتي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻئي پاسي بدين ضلعي جي سمورن شهرن ۾ تيز برسات پئي. نئون ڪوٽ ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ مانجھي سومرو واسي ٻني تي ڪم ڪندڙ 25 سالن جو ٻالچند ڪولھي فوت ٿي ويو، سندس زال ڪنئور ڪولھڻ بيھوش ٿي وئي، ڪوٽ مير جان محمد ۾ وڄ ڪرڻ سبب لالجي ڪولھي پڻ فوت ٿي ويو. ميرپور ٻرڙو، لال ڀٽي ۽ پڪا چنا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز مٽي جي طوفان سان گڏ برسات جو وسڪارو پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button