اسلام آبادپاڪستان

حڪومت آڪٽوبر ۾ چونڊن جو چئي ٿي ته ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي:عمران

اسلام آباد :تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ ئي ڳالهيون ڪنداسين. جيڪڏهن وري ساڳي سيپٽمبر آڪٽوبر جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 14 مئي تي به چونڊون نه ٿيون ته آئين ٽٽي ويندو، جيڪڏهن آئين ٽٽي ويو ته پوءِ جنهن جو به زور هوندو ان جي ڳالهه هلندي. هن چيو ته اسان سدائين سپريم ڪورٽ جا فيصلا مڃيا آهن، اسان آئين سان گڏ بيٺا آهيون. پي ڊي ايم ۽ اسان جي ڪا ڀيٽ ناهي، مان پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو هيس ته چونڊن جي تاريخ تي ڳالهيون ڪري سگهان ٿو. عمران خان شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جي موجودگي ۾ چيو ته هنن ٻنهي کي چئي رهيو آهيان ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ ئي ڳالهيون ڪنداسين، جيڪڏهن اهي ٻيهر سيپٽمبر آڪٽوبر جي ڳالهه ڪن ٿا ته پوءِ ڳالهين جي ضرورت ناهي، هاڻ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي، هڪ ڏينهن چونڊون ڪرائڻيون آهن ته ڪرايو، پارليامينٽ نه آئين سپريم هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button