اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

دوائون ٻيهر 14 کان 20 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي دوائون 14 کان 20 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روز ويلٽ هوٽل، ڪڻڪ جي خريداري ۽ دوائون مهانگيون ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اي سي سي هڪ ڀيري لاءِ دوائن جي اگهن ۾ 14 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ضروري ۽ حياتي بچائيندڙ دوائون مهانگائي جي 70 سيڪڙو جي شرح سان مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. مطلب انهن دوائن جي وڪري جي قيمت ۾ 14 سيڪڙو تائين واڌ ڪري سگهبي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button