پاڪستانسنڌ

پاڪستان ۾ هلندڙ سال وري ٻوڏ جو خطرو آهي، گڏيل قومن خبردار ڪري ڇڏيو

گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هن سال به تيز برساتن ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي. عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان انهن 20 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي تيز برساتن جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن جي گلوبل انفارميشن ارلي وارننگ سسٽم جي رپورٽ موجب هلندڙ سال افغانستان، ايران، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ترڪيا ۾ به شديد برساتن جو خطرو آهي، اهڙي صورتحال ۾ مختلف ملڪن اندر جون واري مهيني ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ ۽ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button