ڇاڇرو: ڇاڇري شهر جي وارڊ نمبر هڪ جو رهواسي پ پ جي پراڻي جيالي ڪمال بجير پنهنجي برادري سميت پ پ کي الوداع ڪري جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جو صوبائي اڳواڻ محمد حسين محنتي، نائب صدر سنڌ آفتاب ملڪ، ضلعي صدر مير محمد بليدي ۽ ٻيا موجود هئا. ڪمال بجير جو چوڻ هو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پ پ شهيدن، غريبن ۽ جيالن جي پارٽي نه رهئي آهي، سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پارٽي آهي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ محمد حسين محنتي جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن راڄ آهي، ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، مهانگائي جي طوفان جي ڪري ٿر ۾ بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، پر حڪمرانن کي ڪا پرواهه ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close