پاڪستانسنڌ

غلام نبي شاهه ۾ نوجوان دوکي سان گهرائي گوليون هڻي قتل، 2 جوابدار گرفتار

غلام نبي شاهھ: غلام نبي شاھه ۾ درگاھه شھيد کٿر ولي تي سامارو شاخ جي رھواسي 42 ورھين جي نوجوان غلام مصطفيٰ عرف پانڌي سولنگي کي ھٿياربندن مخبر هجڻ جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول پنهنجي ڀيڻويي خدا ڀخش ۽ خميسو سولنگي سان گڏجي پنھنجي مرشد شھيد کٿر ولي جي درگاهھ تي ساک ڏيڻ پھتو، جتي جوابدارن دوکي سان گوليون ۽ ڪھاڙيون ھڻي کيس بيدردي سان قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، پوليس لاش تعلقي اسپتال پٿورو مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو. واقعي جو ايس ايس پي عمرڪوٽ نوٽيس ورتو، جنھن بعد ڊي ايس پي پٿورو اقبال مڱريو ۽ ايس ايڇ او غلام نبي شاهھ ارشد گشڪوري پوليس ٽيم ساڻ ڪري ڪاروائي ڪري مک جوابدارن دولت آباد واسين شاھه محمد ۽ ميان محمد شر کي گرفتار ڪري ورتو، ٽن جوابدارن جي ڳولا جاري آھي، مقتول جي ڀيڻويي خدا بخش سولنگي جي فرياد تي شاھه محمد ۽ ميان محمد شر سميت 5 جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. مقتول جي ڀيڻويي خدا بخش سولنگي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدارن سالي تي چورين جي مخبري جو الزام لڳايو ۽ اسان کي سالي کان ساک وٺي ڏيڻ جو چيو، اسان سالي کي مرشد شھيد کٿر ولي جي درگاهھ تي وٺي آياسين، جتي ھنن ساک پڻ ورتين پر جوابدارن ساک وٺڻ بعد درگاھه کان ٻاھر نڪري گوليون ۽ ڪھاڙيون ھڻي سالي کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو ظلم آهي، نوٽيس کڻي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊي ايس پي پٿورو اقبال مڱريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن نوجوان کي دوکي سان قتل ڪيو آھي، مخبري جو الزام ھڻي ساک ورتي ۽ قتل ڪيو، مقتول جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو آھي، 2 جوابدار گرفتار ڪيا آھن، باقي ٽن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button