اسلام آبادپاڪستان

عمران ۽ بشرا جي توشا خانا ڪيس ۾ نيب طلبي قانون خلاف آهي:ها ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي نيب طلبي قانون خلاف قرار ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس بابر ستار توشا خانا نيب جاچ جي ڪيس ۾ طلبي تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو.عدالت نيب طلبي جي نوٽيس خلاف ٻنهي درخواستن کي اڪلائيندي طلبي جا نوٽيس قانون خلاف قرار ڏئي ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواستون هدايت سان گڏ اڪلائيندي چيو ته نيب جي ڪال اپ نوٽيسن جي ڪا قانوني حيثيت ناهي. عدالت چيو ته 17 فيبروي ۽ 16 مارچ جا نوٽيس قانون موجب ناهن، اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته قانون موجب نيب فريش نوٽيس جاري ڪرڻ ۾ آزاد آهي، نيب تي قانون موجب نوان نوٽيس موڪلڻ تي ڪا پابندي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button