عالمي

برطانيا جي بادشاهه چارلس کي تاريخي ڪنگ ايڊورڊ تاج پهرايو ويو

لنڊن : برطانيا جي بادشاهه چارلس کي تاريخي ڪنگ ايڊورڊ تاج پهرايو ويو. ڪالهه برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ سندس زال ملڪا ڪنسورٽ ڪميلا جي تاج پوشي جي تقريب ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي. بادشاهه چارلس جي حلف برداري ۾ آرچ بشپ آف ڪينٽر بري حلف ورتو، جنهن کانپوءِ بادشاهه چارلس حلف نامي تي صحيح ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ تاج پوشي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان ملڪن جا سربراهه، شاهي خاندانن ۽ حڪومت جي نمائندن به شرڪت ڪئي. 74 سالن جي بادشاهه چارلس-III جي تاج پوشي جي تقريب ۾ پرڏيهي مهمان ۽ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جا نمائندا به شامل هئا. ڪنگ چارلس-III برطانيا جو 40 هون بادشاهه آهي. گذريل 70 سالن ۾ هي پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي ٿي رهي آهي. 400 کان وڌيڪ خاص مهمان جن ۾ 100 رياستن ۽ حڪومتن جا سربراهه شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button