سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رتوڇاڻ، هٿياربندن ٽن ڀائرن سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ سينٽرل جيل ويجهو هٿياربندن پراڻي تڪرار تان ڪار تي فائرنگ ڪري وارهه واسي ٽن ڀائرن سميت 5 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب وليد ٿاڻي جي حد ستين نمبر ناڪي تي ٻن ڪارن ۾ سوار هٿياربندن هڪ بيٺل ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڀائرن ۽ ڪار ڊرائيور سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. اطلاع تي پوليس کين چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن چئن ڄڻن جي موت جي تصديق ڪئي، جڏهن ته پنجين زخمي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو. گولين جو نشانو بڻجندڙن ۾ ٽي ڀائر شوڪت علي پٽ عبدالجبار سولنگي، امجد علي ۽ ماجد علي سولنگي سان گڏ اخلاق احمد پٽ رسول بخش چانڊيو ۽ نجم الدين پٽ محرم چانڊيو شامل آهن. اي ايس پي عتيق الرحمان ميڪن صحافين کي ٻڌايو ته هي تمام ڏکوئيندڙ واقعو آهي، اسان کي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عمران پاران فائرنگ واقعي جي جاچ ۽ ملوث هٿياربندن جي جلد گرفتاري جا حڪم پڻ مليا آهن. هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب 302 جي ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ ٻن قيدين امجد علي ۽ ماجد علي سولنگي کي وٺي اچڻ لا هڪ ڪار ۾ سوار ٽي ڄڻا سينٽرل جيل پهتا هئا، جتي ستين نمبر ناڪي وٽ ٻن ڪارن ۾ سوار هٿياربندن بيٺل ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ڪار ۾ سوار پنج ئي ڄڻا مارجي ويا. هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۽ فائرنگ ڪندڙن جو تعلق ضلعي قمبر- شهداد ڪوٽ جي تعلقي وارهه سان آهي ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني ٻڌائي وڃي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي جيتري معلومات ملندي اها ئي شيئر ڪنداسين ۽ جيئن ئي وڌيڪ معلوم ملندي ته اها اوهان سان شيئر ڪنداسين. ٻئي پاسي ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عمران خان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قمبر- شهدادڪوٽ جي تعلقي وارهه ۾ ٻن مغيري ذات جي ماڻهن جي قتل ۾ ڄاڻايل ٻه قيدي امجد علي ۽ ماجد علي جن مٿان 302 جو ڪيس نمبر 101/2021 داخل ٿيل هو. جن کي آزادي ماڻڻ تي سندن مائٽ وٺڻ آيا، جيڪي پنج ئي هڪ ڪار ۾ سوار ٿي واپس پنهجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ستين نمبر ناڪي تي مٿن ٻن ڪارن ۾ سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ پنج ئي ڄڻا شوڪت علي سولنگي، امجد علي ۽ ماجد علي سولنگي سميت اخلاق احمد چانڊيو ۽ نجم الدين چانڊيو مارجي ويا. هن چيو ته فائرنگ ۾ ملوث هٿياربندن جي گرفتاري لا پوليس جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جن کي جلد ئي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button