پاڪستانرانديون

صرف 97 اننگز ۾ 5 هزار رنسون، بابر اعظم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

پاڪستان ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم سئو کان به گهٽ ون ڊي اننگز ۾ 5 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون بئٽر بڻجي ويو، هن نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ۾ کيڏيل مئچ دوران ڪيريئر جي 18 سينچري پڻ هنئي ۽ تيز ترين 5000 رنسن جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. بابر اعظم ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 5 ھزار رنسون پنهنجي 97 هين اننگز ۾ پوريون ڪيون آهن، اهڙي طرح هن ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي اوپنر هاشم آملا جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، 101 ون ڊي مئچن ۾ 5 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون. بابر اعظم 5ھزار ون ڊي رنسون ٺاھيندڙ 14ھون پاڪستاني رانديگر پڻ آهي. ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سر ويون رچرڊز 114، ويرات ڪوهلي به 114 ون ڊي اننگز، ڊيوڊ وارنر 115، جو روٽ ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 115- 115، برائن لارا 118، شيکر ڌاون 118 ۽ ڪين وليمسن 119 ون ڊي اننگز ۾ 5 هزار رنسون مڪمل ڪيون پر بابر اعظم سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button