پاڪستانعالمي

وزيراعظم شهباز شريف جون برطانوي بادشاهه ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون

اسلام آباد/لنڊن:وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ۽ وزيراعظم رشي سنک سان ملاقاتون ڪيون. سرڪاري خابرو اداري “اي پي پي” موجب وزيراعظم نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي موقعي تي ٻن ڏينهن واري تقريب جي شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي معززين کي مبارڪباد ڏني. ان کان علاوه وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ آيل تباهي واري ٻوڏ جي حوالي سان برطانيا جي فراخدليءَ واري مدد کي به ساراهيو ۽ شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي سربراهي ۾ گڏيل ڪميشن جي قيام جي تجويز ڏني. ڪنگ چارلس III ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنک پڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button