پاڪستانعالمي

ڀارت کي ڳالهين لا سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو:بلاول ڀٽو

گووا :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير تي هڪ طرفو فيصلو ڪري ڀارت ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نقصان پهچايو.ڪالهه شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت بعد گووا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون هتي سڀني پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪئي آهي سواءِ هڪ جي، پاڪ – ڀارت لاڳاپن جي ڳالهه ڪجي ته پ پ جو سدائين اصولي موقف رهيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آندا وڃن. والاريل ڪشمير بابت هڪ طرفو فيصلو ڪري ڀارت لاڳاپن کي نقصان پهچايو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري پنهنجي طور ڪوششون ڪيون ته ڀارت سان لاڳاپا معمول موجب رهن پر آگسٽ 2019 کانپوءِ صورتحال صفا ان جي ابتڙ آهي. ڀارت نه رڳو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي پر گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهرائن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غير ذميوار قدمن سان اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جو هاڻ اهي جماعتون مثال طور پ پ جيڪا سدائين لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي خواهشمند رهي آهي، هاڻ اسان لاءِ به اهو اسپيس ختم ٿي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جو هاڻ اصولي موقف آهي ته جيڪڏهن ڀارت 2 آگسٽ 2019 جي صورتحال تي واپس اچي ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ته اها هاڪاري اڳڀرائي هوندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير تي پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان جو موقف واضح آهي، آگسٽ 2019 ۾ ڀارت جي قدمن کانپوءِ معاملا ڏکيا ٿي ويا، والاريل ڪشمير بابت ڀارت جا قدم غير قانوني آهي. هن چيو ته اسان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر ان لاءِ ڀارت کي سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، اميد ته ڀارت راندين جي معاملي ۾ بُرا فيصلا نه ڪندو، راندين کي سفارتي اختلافن سان متاثر نه ٿيڻ گهرجي، جهڙي ريت منهنجي دوري کي ڪور ڪيو ويو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي وڏي اهميت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button