پاڪستانعالمي

بلاول طرفان جئي شنڪر کي هٿ ٻڌي نمستي ڪرڻ جا چرچا

گووا :شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀارتي هم منصب هٿ نه ملايو پر جي شنڪر ٻئي هٿ ٻڌي “نمستي” ڪيو، جنهن جو جواب بلاول ڀٽو زرداري به ان ئي انداز ۾ هٿ ٻڌي ڏنو. گووا ۾ بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان هٿ ملائڻ ۾ مون کي مسئلو ناهي، اهو ان کان ئي پڇيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جهڙي طريقي سان سلام ڪيو ويو، اسان به سنڌ ۽ ملتان ۾ ان ئي طريقي سان سلام ڪندا آهيون، منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان هڪ ئي طريقي سان هڪٻئي کي سلام ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سڀني سان ان طريقي سان ئي مليو، تنهن ڪري شڪايت ڪرڻ نٿو ٺهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button