اسلام آبادپاڪستان

عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا فوجداري ڪارروائي شنوائي جوڳي قرار ڏيندي 10 مئي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪالهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان جون ٻئي درخواستون به خارج ڪري ڇڏيون. ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ 10 مئي تي طلب ڪري ورتو. عدالت حڪم ڏنو ته عمران خان 10 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، 10 مئي تي عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي شڪايت تي دليل ڏنا ويا. عمران خان جي وڪيل خواجا حارث عدالت جي دائري اختيار تي اعتراض اٿاريو، خواجا حارث عدالت ۾ اليڪشن ايڪٽ جي شق 190 ۽ 193 پڙهي ٻڌائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button