پاڪستانپنجاب

جي آئي ٽي زمان پارڪ پهتي،عمران خان کان 50 سوال ڪيا

لاهور :پنجاب پوليس جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو. پنجاب فرانزڪ ۽ ڪرائيم سين يونٽ به واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. عمران خان خلاف وڳوڙ ۽ سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت سميت ٻين الزامن ۾ داخل 10 ڪيسن جي جاچ لاءِ ايس ايس پي عمران ڪشور جي قيادت ۾ پنجاب پوليس جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم زمان پارڪ پهتي. جي آئي ٽي هڪ ڪلاڪ 50 منٽن تائين جاچ ڪئي ۽ ثبوت گڏ ڪيا. ٽيم عمران خان کان 50 کان وڌيڪ سوال ڪيا.عمران خان جي چيف آف اسٽاف شبلي فراز ميڊيا کي ٻڌايو ته جي آئي ٽي عمران خان کان جيڪي به سوال ڪيا انهن جا جواب ڏنا ويا. عمران خان عدالتن جو احترام ڪري ٿو ان لاءِ بيماري باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته ججز تي حملو ڪرڻ مسلم ليگ (ن) جي عادت بڻجي وئي آهي، اليڪشن کان بچڻ لاءِ هن چيف جسٽس کي نشاني تي رکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button